عبدالعزيز ميمڻ مولانا

عبدالعزيز ميمڻ، مولانا: ناميارو ليکڪ، ترجما نگار، عربي ٻوليءَ ۽ ادب جو عالمي شهرت يافته اسڪالر ۽ استاد علامه عبدالعزيز ميمڻ، 23 آڪٽوبر 1888ع تي گوندل، ڪاٺياواڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حاجي عبدالڪريم هو. عبدالعزيز ميمڻ جي پيدائش کانپوءِ سندس خاندان لڏي اچي راجڪوٽ ۾ رهائش پذير ٿيو. هن اردو ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم راجڪوٽ مان حاصل ڪئي. 1901ع کان 1909ع تائين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دهليءَ هليو ويو. جتي شيخ الحديث ميان نذير حسين ۽ مولانا محمد بشير سمهواڻيءَ جو شاگرد رهيو. ان کان پوءِ شيخ حسين ابن شيخ محسن انصاريءَ جو شاگرد ٿيو. ان کان سواءِ قاضي شوڪاڻيءَ کان حديث ۾ سند حاصل ڪيائين. 1913ع ۾ ايڊورڊ ڪاليج پشاور ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو. 1920ع ۾ اورينٽل ڪاليج لاهور سان بطور استاد منسلڪ ٿيو. ڪجهه عرصي بعد علي ڳڙهه ڪاليج سان وابسته ٿيو، جتان 1950ع ۾ رٽائر ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ خاندان سميت لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي 1954ع ۾ اسلامي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1956ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ عربي شعبي جو صدر مقرر ٿيو. 1964ع ۾ پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ عربي شعبي ۾ صدر مقرر ٿيو. کيس عربي ٻولي ۽ ادب تي دسترس حاصل هئي. عرب ملڪن ۾ ‘استاد الميمني’ ۽ ‘امام اللغة’ جي نالن سان مشهور هو. سندس تصنيف ۽ مرتب ڪيل ڪتابن جو انگ ٽيهه آهي. هن جا ڪتاب مصر جي جامعه الازهر ۽ عرب دنيا جي ٻين يونيورسٽين ۾ پڻ پڙهايا وڃن ٿا. سندس ادبي ۽ علمي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان کيس صدارتي اوارڊ سان نوازيو. ان کان سواءِ کيس 1966ع ۾ الازهر يونيورسٽيءَ پاران کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري پڻ ڏني وئي. هن 27 آڪٽوبر 1978ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ سوسائٽي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1888.10.23  عيسوي

علامه عبدالعزيز ميمڻ، 23 آڪٽوبر 1888ع تي گوندل، ڪاٺياواڙ ۾ پيدا ٿيو.


1978.10.27  عيسوي

مولانا عبدالعزيز ميمڻ 27 آڪٽوبر 1978ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ سوسائٽي قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿيوو فقير لاشاري
ڍير مٺو فقير لُنڊ
تسائي لون
جڙيل شاهه بخاري
پدمڻي ڪپيلا
قاضي عبدالله سيوستاني
ڏاتو کهاوڙ
اختر حميد خان
اشفاق پرويز ڪياني جنرل
مير يار محمد ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون